پرش ميڌ (نرَ ٻليءَ) جو ڏيک

پرش ميڌ (نرَ ٻليءَ) جو ڏيک

پرش ميڌ نر ٻلي

پُرش ميڌ (نر ٻَلي) (Human Sacrifice): قديم زماني ۾ ٻين بدرسمن کان سواءِ هڪ ٻيو هيبتناڪ رواج به عام هو، جنهن جو قربانيءَ سان واسطو هو. قديم هند واسي جڏهن ڪنهن جنگ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا، ته ڪنهن ماڻهوءَ جي قرباني ڪندا هئا. اها ’پُرش ميڌ‘ يعني ماڻهوءَ جي قرباني ڪوٺبي هئي. پراڻن ۾ انهيءَ قربانيءَ جي عمل کي نَرَ ٻلي يعني ”نر يا مرد جي قرباني“ به سڏيو ويو آهي. جنگ ۾ مخالف ڌر جا جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيندا هئا، تن کي پنهنجو داس يا ٻانهو بنائيندا هئا ۽ انهن مان ڪنهن هڪ ڄڻي کي بَک چاڙهيندا هئا. انهيءَ رواج ۾ پوءِ هڪ عجيب ڦيرو آيو ته يگيه يعني قرباني اها ڪجي، جيڪا پاڻ کي وڻندي هجي. هنن جو اهو ويساهه هو ته ڪو ڌاريو ماڻهو قربان ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو ڪو ويجھو عزيز ٻل چاڙهيو وڃي ته جيئن ديوتائون وڌيڪ خوش ٿين ۽ نتيجي طور چڱو ڦل ملي. ان بعد هو پنهنجي گھر جو ئي ڪو ڀاتي قربان ڪرڻ لڳا.قديم زماني ۾ پيءُ کي پنهنجي اولاد ۽ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين تي ڪُلي اختيار هوندو هو. پيءُ پنهنجي پٽ کي ٻل چاڙهي ڇڏيندو هو، يا ڪو اولاد ناڻي تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي اعتراض جي اجازت ۽ همت نه هوندي هئي. ائتريه براهمڻه ۾ هڪ روايت آهي ته ستوادي راجا هرشچندر سُکا ڪئي هئي ته ”مون کي جيڪو پهريون پٽ ڄمندو، سو ورڻ ديوتا تي ٻل چاڙهيندس.“ کيس پوءِ روهت نالي پٽ ڄائو، پر پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻل چاڙهڻ تي دل نه ٿيس، انڪري ’پرش ميڌ‘ ڪرڻ کان نٽائڻ لڳو. روهت وڏو ٿيو ته پڻس پنهنجي سُکا بابت ٻڌايس. روهت کي پنهنجيءَ جان جو خطرو محسوس ٿيو، سو جھنگ منهن ڏئي ڀڄي ويو ۽ ڇهه ورهيه ساندهه ڪنهن بن ۾ لڪي گذاريائين. ائين ٻاويهه ورهيه لنگھي ويا. ڪنهن وقت راجا هرشچندر کي ڪوڙهه ٿيو. کيس دل ۾ وهم اچي ويٺو ته ورڻ ديوتا سان سُکا نه پاڙي اٿم، تنهنڪري هيءُ ڀوڳنا ٿو ڀوڳيان. روهت کي ڪنهن طرح انهيءَ ڳالهه جي سڌ پئجي وئي. هيءُ صالح پٽ چوڻ لڳو ته ”منهنجو پيءُ نوبنو ٿئي، منهنجو سر ويو ته صدقي ٿيو!“ انهيءَ اعليٰ خيال اچڻ سان هو جهنگ ڇڏي شهر ويو ۽ پنهنجي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. واٽ تي آجيگرت نالي هڪ برهمڻ گڏيس، جيڪو ڀرگو رشيءَ جي پونيرن مان هو. هُو بک ۾ پاهه پئي ٿيو. روهت چيس ته ”اي برهمڻ، جيڪڏهن پنهنجن پٽن مان هڪڙو منهنجي بدران ٻل چاڙهڻ ڏيندين ته مان توکي هڪ سؤ ڳئون ڏيندس“. برهمڻ انهيءَ آڇ تي هرکجي پيو. هن برهمڻ کي ٽي پٽ هئا، جن مان وڏي پٽ ڏيڻ تي سندس دل نه وري ۽ ننڍي پٽ ڏيڻ تي جوڻس جي دل نه وري، انهيءَ ڪري وچيون پٽ شنهه شيپ نالي روهت کي ڏنائين، جنهن پنهنجي پيءُ راجا هرشچندر کان سؤ ڳئون وٺي ڏنس. تن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي ٻل چاڙهيندا هئا، ان کي اول ”يُوپ“ يعني ٻل واري ٿنڀي سان قابو ڪري ٻڌندا هئا ۽ پوءِ سندس سنڌ سنڌ ڪپي، يگيه جي اگنيءَ (باهه) ۾ وجھندا هئا. راجا هرشچندر جي ماڻهن مان ڪنهن جي به همٿ نه ٿي، جو ڪنهن برهمڻ جي پٽ کي يوپ سان ٻڌن. انهيءَ تي ڇوڪري جي لوڀي پيءُ چيو ته ”مون کي جڏهن ٻيون هڪ سؤ گايون ملنديون ته مان پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌندس“. جڏهن راجا هرشچندر اها ڳالهه قبولي، تڏهن هُن پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌو، پر ٻالڪ کي ڪهڻ ڪنهن به نه قبوليو. انهيءَ تي هن ظالم برهمڻ اجيگرت چيو ته ”مون کي جيڪڏهن ٽيون ڀيرو هڪ سؤ گايون ملنديون، ته مان پنهنجن هٿن سان پنهنجو پٽ ڪهندس“ راجا سندس اها ڳالهه به قبولي ۽ هو پوءِ پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي تکي ڪرڻ لڳو. ڇوڪري ڏٺو ته هاڻ اجھو ٿو ڳترا ڳترا ٿيان. تنهن پنهنجو ڪوبه اوهي واهي نه ڏسي، سچيءَ دل سان ديوتائن کي پڪاريو، سندس جگر ڏاريندڙ حالت ڏسي، شايد ديوتائن کي رحم اچي ويو ۽ جو ڪرتار جي قدرت سان جن زنجيرن سان هو جڪڙيل هو، سي پاڻ مرادو ٽٽي پيون ۽ هو آزاد ٿي پيو، ان دوران راجا جو مرض به ڇُٽي ويو. پرش ميڌ جي ضرورت نه پئي. اڳتي هلي اها رسم ختم ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو